حافظ محمد نونداڻي

حافظ محمد نونداڻي: هن بزرگ جي ولادت نونداڻي مهيري گھراڻي جي ڳوٺ کٿڙ، تلعقي گولاڙچيءَ ۾ ٿي، سندس والد پير محمد سندس ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو. انڪري سندس تربيت سندس چاچي ڪئي، ٿورن ڏينهن ۾ سندس والده به گذاري وئي. سندس چاچي حافظ صاحب کي سمن حاڪمن وٽ ڇڏيو ته انهن جا گابا چاري ته جيئن ٻه چار ڏوڪڙ ملڻ سان سندس زندگي بهتر نموني گذري. اتفاق سان هڪ ڀيري حافظ صاحب گابا چارڻ دوران نماز پڙهي رهيو هو ته گابا ڀڄي ويا ۽ وڃي پنهنجي مائن سان مليا، نتيجي ۾ ڳوٺ وارن طرفان حافظ صاحب تي وٺ ٿي وئي، اتفاق سان ان رات پير محمد راشد روضي ڌڻي ان ڳوٺ ۾ ترسيل هو، تنهن کي جڏهن اها خبر پئي ته ان حافظ صاحب کي گھرائي چيو ته: ”پٽ پڙهندين؟“ جنهن تي حافظ صاحب هائوڪار ڪندي وراڻيو ته: ”مان ته پڙهڻ گھران ٿو، پر منهنجو چاچو پڙهڻ نه ٿو ڏي.” پير صاحب، حافظ صاحب جي چاچي کي گھرائي سمجھايو ته:“ نينگر کي اجازت ڏيو ته مون سان گڏ هلي ۽ مدرسي ۾ پڙهي، جيتري مزدوري هن جي مال چارڻ عيوض اوهان کي ملي ٿي،اوترا پئسا توهان کي آءٌ ڏيندس.“ اهڙيءَ طرح حافظ صاحب کي خليفي محمود جي مدرسي ۾ ويهاريو ويو. حافظ صاحب دل لڳائي پڙهڻ لڳو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾رات ڏينهن هڪ ڪري ٻين پراڻن کٿابين کان اڳ قرآن پاڪ ناظره سان گڏ حفظ ڪري ورتائين. حافظ صاحب جي ظاهري تعليم قرآن شريف تائين هئي ۽ شاگردن کي به فقط قرآن شريف جي تعليم ڏيندو هو، هن لاڙ جي مختلف علائقن ۾ مدرسن جي قيام لاءِ پاڻ پتوڙيو، ان ڏس ۾ هن کٿڙ، کاري، خانائي، بجاري، ٻاگھلي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ مدرسا قائم ڪيا. پاڻ هر مهيني مدرسن جو معائنو ڪندو هو ۽ ضروري صلاحون ڏيندو هو. سندس قائم ڪيل مدرسن ۾ ٻار، پوڙها، جوان، مرد توڙي عورتون قرآن شريف جي تعليم پڙهندا هئا. پاڻ پنهنجي شاگردن کي ڪنهن به قسم جي فلاحي توڙي ذاتي ڪم لاءِ چندي وٺڻ کان روڪيندو هو، هن بزرگ 1315هه/1897ع ڌاري وفات ڪئي، سندس شاگردن جي صف ۾ سنڌ جا هاڪارا عالم شامل آهن، جن ۾: مولوي حافظ نور محمد موچي ڪڙيو گھنور، مولوي علي محمد مهيري، مولوي فتح محمد مهيري، حافظ گل محمد نونداڻي، مولوي خير محمد نونداڻي، حافظ وريام مهيري، حاجي ابراهيم مهيري، حافظ راڌو مهيري، مولوي محمد نوح ونگائي مهيري. حاجي ڀائي خان مهيري، حاجي عمر نونداڻي، ميان جي محمد صالح ماڇي، حافظ وريام ترڪ، محمد حسن درس، حاجي الله رکيو جت وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو